تيجورام شرما

تيجورام شرما: ”سناتن ڌرم سڀا پرچارڪ پتر“ جو ايڊيٽر تيجورام شرما، 1873ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. مشن اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت آريا سماج اسڪول ۽ مشن اسڪول ۾ معلم جي حيثيت سان ملازمت ڪيائين. ان کان پوءِ بمبئي ڪمپني ڪراچيءَ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيائين. 1901ع ۾ سناتن ڌرم سڀا طرفان ”پرچارڪ پتر“، نالي سان هڪ رسالي جو مدير مقرر ٿيو.


لفظ تيجورام شرماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو